گريناڊا
گريناڊا | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"ھميشه خدا کي سڃاڻي اسان اتساھ پاتو، ھڪ ٿي ڪري ٺاھيون ۽ اڳتي وڌون پيا"__(Ever Conscious of God We Aspire, Build and Advance as One Peop)"[1] | |||||
ننڍڙي اينٽليز ۾ گريناڊا جو مقام | |||||
| گادي جو هنڌ | سينٽ جارجز 12°03′N 61°45′W / 12.050°N 61.750°W | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | سينٽ جارجز | ||||
| دفتري ٻوليون | |||||
| تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | گرينيڊائي ڪريئول انگلش گرينيڊائي ڪريئول فرينچ | ||||
| نسلي گروھ (2011[2]) |
| ||||
| مقامي آبادي | گرينيڊيئن يا گرينيڊائي[3] | ||||
| حڪومت | وحداني ٻہ جماعتي پارلياماني نظام آئيني بادشاهت ھيٺ | ||||
| اليزبيٿ ٻين | |||||
| سسائل لا گرنيڊ (Cécile La Grenade ) | |||||
• وزيراعظم | ڪيٿ مشيل | ||||
| مقننه | پارليامينٽ | ||||
| سينيٽ | |||||
| ھائوس آف رپريزنٽيٽوز | |||||
| قيام | |||||
| 3 مارچ 1967 | |||||
• آزادييونائيٽيڊ ڪنگڊم کان | 7 فيبروري 1974 | ||||
• گريناڊا جي انقلابي حڪومت | 13 مارچ 1979 | ||||
• C آئين جي بحالي | 4 ڊسمبر 1984 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 348.5 km2 (134.6 sq mi) (185th) | ||||
• پاڻي (%) | 1.6 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 107,317[4] (185th) | ||||
• گھاٽائي | 318.58/km2 (825.1/sq mi) (45th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $1.801 billion[5] | ||||
• في سيڪڙو | $16,604[5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $1.249 ارب يو ايس ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $11,518[5] | ||||
| ايڇ ڊي آء (2017) | اعلیٰ · 75th | ||||
| ڪرنسي | ايسٽ ڪيريبئن ڊالر (XCD) | ||||
| معياري وقت | (متناسق عالمي وقت−4) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +1-473 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .gd | ||||
گريناڊا (انگريزي: Grenada) ويسٽ انڊيز جي ڪيريبئن سمنڊ ۾ گريناڊائيننز واري ڏاکڻي ٻيٽن جي لڙھ ۾ ھڪ خودمختيار رياست آھي. ملڪ گريناڊا ٻيٽ ۽ ان جي اتر م واقع ڇھ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي. ھي ملڪ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي اتر اولھ، وينزويلا جي اتر اوڀر سينٽ ونسينٽ اينڊ گريناڊائينز جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 348.5 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي جولاء 2018 ۾ لڳ ڀڳ 112200 ھيس.[7] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سينٽ جارجز آھي.[8] ھن ملڪ کي جائفل ۽ جاوتري جائتري مصالحن جي وڏي پيماني تي پيداوار جي ڪري مصالحن جي سرزمين پڻ سڏيو ويندو آهي. اھو انھن مصالحن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ پڻ آهي.[9] ملڪ جو قومي پکي گريناڊائي ڳيرو آھي جنھن جو نسل دنيا ۾ ناپيد ٿيڻ جي خطري ۾آهي.
تاريخ
[سنواريو]يورپين جي آمد کان پھريان گريناڊا ۾ ھتان جا آرواڪ اصل رھاڪو آباد ھيا، ان بعد ھتي آئلينڊ ڪيريب پڻ اچي آباد ٿيا.[10] ڪرسٽوفر ڪولمبس ھن ٻيٽ کي پنھنجي آمريڪا ڏانهن ٽئين بحري سفر ۾ 1498 ۾ ڏٺو هو.[11] ھتان جا آئلينڊ ڪيريب نالي رھاڪو يورپين جي اچڻ تي سخت مزاحمت ڪري کين روڪيندا رھيا پوء بہ سڀ کان اول 1650 ۾ فرانس ھتي ڪالوني ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ھڪ سؤ سال کان مٿي اتي قابض رھيو. 10 فيبروري 1763 ۾ پيرس واري معاھدي تحت گريناڊا کي برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پوء 1974 تائين ھتي برطانيا قابض رھيو. 1958 کان 1962 تائين گريناڊا ويسٽ انڊيز جي وفاق جو حصو رھيو جيڪا برطانوي بيٺڪن جو وفاق ھيو ۽ گھڻو وقت قائم رھي نہ سگھيو. 3 مارچ 1967 ۾ گريناڊ کي مڪمل داخلي آزادي ڏئي کيس ايسوسيئيٽيڊ رياست جو درجو ڏنو ويو. ملڪ کي ايرڪ گيئري جي اڳواڻي ۾ خودمختياري ڪامن ويلٿ ۾ رھندي 7 فيبروري 1974 ۾ ڏني وئي جيڪو ھن ملڪ جو پھريون وزيراعظم ٿيو ۽ رياست جي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ ٻين برقرار رھي.
انتظامي ورھاست
[سنواريو]گريناڊا ڇھن پئرشن ۾ ورھايل آھي [12]:[13]

حوالا
[سنواريو]- ↑ "Government of Grenada Website". Retrieved 2007-11-01.
- ↑ "Grenada". The World Factbook. Central Intelligence Agency (CIA). Retrieved 2012-03-19.
- ↑ "About Grenada, Carriacou & Petite Martinique | GOV.gd". www.gov.gd. Retrieved 2017-07-31.
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017.
- 1 2 3 "Grenada". International Monetary Fund. 2018. Retrieved 1 April 2018.
- ↑ "2017 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2017. Retrieved September 14, 2018.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
- ↑ "CIA World Factbook - Grenada". Retrieved 12 July 2019.
