تنزانيا
يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Uhuru na Umoja" (Swahili) "آزادي ۽ اتحاد" | |||||
| گادي جو هنڌ | ڊوڊوما(ڊي جيور) | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | دارالسلام | ||||
| دفتري ٻوليون | ڪابہ نہ | ||||
| قومي زبان | سواحلي[1] | ||||
| ٻيون ٻوليون | انگريزي | ||||
| مذهب | (2010 تخمينو)[2] | ||||
| مقامي آبادي | تنزانين يا تنزانيائي | ||||
| حڪومت | وحداني غلبي واري جماعت جي صدارتي، سوشلسٽ ريپبلڪ [3][4] | ||||
• صدر | جان ميگوفولي | ||||
• نائب صدر | سميعہ سولوحو | ||||
• وزيراعظم | قاسم مجالوا | ||||
• اسپيڪر قومي اسيمبلي | جاب اين دوگائي | ||||
• چيف جسٽس | ابراھيم حمث جمعا | ||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين | |||||
• ٽانگانيڪا | 9 ڊسمبر 1961 | ||||
• عوامي جمھوريہ زينزيبار ۽ پيمبا | 10 ڊسمبر 1963 | ||||
• انضمام | 26 اپريل 1964 | ||||
• موجوده آئين | 25 آپريل 1977 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 947,303 km2 (365,756 sq mi) (31st) | ||||
• پاڻي (%) | 6.4 | ||||
| آبادي | |||||
• 2012 مردم شماري | 44,928,923 | ||||
• گھاٽائي | 47.5/km2 (123.0/sq mi) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | 176.465 ارب ڊالر[5] | ||||
• في سيڪڙو | 3,456 ڊالر [5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | 56.664 ارب ڊالر[5] | ||||
• في سيڪڙو | 1,100 ڊالر[5] | ||||
| جِينِي (2012) | 37.8[6] وچولو | ||||
| ايڇ ڊي آء (2017) | ڪمتر · 154th | ||||
| ڪرنسي | تنزانيئن شلنگ (TZS) | ||||
| معياري وقت | EAT (متناسق عالمي وقت+3) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +255[note 1] | ||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | TZ | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .tz | ||||
| |||||

تنزانيا (Tanzania)،[9] سرڪاري نالو، يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا، اوڀر آفريڪا جو ھڪ ملڪ آهي، جيڪو آفريڪا جي وڏين ڍنڍن واري علائقي ۾ شامل آھي. ان جي سرحد اتر ۾ يوگنڊا، اتر-اوڀر ۾ ڪينيا، اوڀر ۾ ھندي وڏي سمنڊ، ڏکڻ ۾ موزمبيق ۽ ملاوي، ڏکڻ اولھه ۾ زيمبيا ۽ اولھه ۾ روانڊا، برونڊي ۽ جمهوري جمهوريا ڪانگو واقع آھن. ھن جي اتر-اوڀر ۾ آفريڪا جو سڀ کان وڏو جبل ڪليمنجارو واقع آهي. گادي جو هنڌ ڊوڊوما ۽ سڀ کان وڏو شهر دارالسلام آهي.
تاريخ
[سنواريو]تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ ايٿوپيا کان ڏکڻ ڪش واري ٻوليون (South Cushitic Languages) ڳالھائيندڙ تنزانيا لڏي آيا ھئا. اوڀر ڪش وارا ماڻهو 2000 کان 4000 سال اڳ ترڪانا ڍنڊ جي اتر ۾ آيا. اھڙي طرح سوڊان مان بہ تنزانيا طرف ماڻھن جي ھجرت ٿي ۽ تنزانيا ۾ آبادي جي شروعات ٿي وئي.

جاگرافي
[سنواريو]تنزانيا جي جاگرافيائي بيهڪ 6 00 S, 35 00 E آھي. ڪل پکيڙ 947,300 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 885,800 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 61,500 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھن لڪير جي پکيڙ ۾ مافيا، پيمبا، ۽ زينزيبار جا ٻيٽ پڻ شامل آهن . پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 32 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,161 ڪلوميٽر آھن جيڪي 8 ملڪن سان ملن ٿيون. ان مان 589 ڪلوميٽر برونڊي، 479 جمهوري جمهوريا ڪانگو، 775 ڪلوميٽر ڪينيا، 512 ڪلوميٽر ملاوي، 840 ڪلوميٽر موزمبيق، 222 ڪلوميٽر روانڊا، 391 ڪلوميٽر يوگنڊا ۽ 353 ڪلوميٽر زيمبيا سان ملن ٿيون. ملڪ جي بحري سرحد 1424 ڪلوميٽر ۽ سرحد اندر بحري علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل آهي. مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس. ملڪ جي سراسري بلندي 1018 ميٽر آھي ۽ سڀ کان بلند ترين مقام مائونٽ ڪليمنجارو اٿس جن جي بلندي 5,895 ميٽر آھي جيڪو پوري آفريڪا کنڊ جو بلند ترين مقام آھي.[10]
_sv.svg/250px-Spice_Islands_(Zanzibar_highlighted)_sv.svg.png)
آبهوا
[سنواريو]ساحلي علائقن ۾ ٽراپيڪل ۽ مٿاھين ميداني علائقن ۾ ٽيمپريٽ ھوندي آھي[10].
معدنيات ۽ قدرتي وسيلا
[سنواريو]ھتي جي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، ٽين، فاسفيٽ، ڪچو لوھ، ڪوئلو، ھيرا، جواھر، سون، قدرتي گئس ۽ نڪل شامل آهن[10].
زراعت
[سنواريو]
ھن ملڪ جي زرعي زمين 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي لائق ان جو 14.3 سيڪڙو آهي، مستقل پوک 2.3 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 27.1 سيڪڙو ۽ ٻيلا 37.3 سيڪڙو تي واقع آھن[10].
تنزانيائي ماڻهو
[سنواريو]ھن ملڪ جي آبادي 53,950,935 آھي ۽ آبادي ۾ ھي دنيا جو 26 وڏو ملڪ آهي. ھتان جي ماڻھن کي تنزانيئن چوندا آهن ۽ سنڌي ۾ کين تنزانيائي چئبو آهي. ملڪ جي آبادي جو 99 سيڪڙو آفريڪي آھن جن مان 95 سيڪڙو بانٽو نسل جي 130 کان وڌيڪَ قبيلن سان تعلق رکندڙ آھن. ھڪ سيڪڙو آبادي ۾ ايشيائي، عرب ۽ يورپي شامل آهن. ھتان جي ٻولي ڪسواحلي يا سواحلي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ بانٽو نسل وارن جي مادري ٻولي آهي. انگريزي بہ ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي. زينزيبار ۾ سڀ کان وڌيڪَ عربي ڳالھائي ويندي آھي. ھتان جا 61.4 سيڪڙو ماڻهو عيسائي، 35.2 سيڪڙو مسلمان، 1.8 سيڪڙو لوڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن[10].
نالو
[سنواريو]ملڪ ريپبلڪ آف تنزانيه يا جمھوريہ تنزانيا آھي. ملڪ جو نالو ٻن لفظن جي پھرين اکرن کي ملائي ٺاھيو ويو. اھي لفظ آھن : ٽانگانيڪا ۽ زانزبار جيڪي ٻہ رياستون ھيون جن جي 1964 ۾ انضمام سان اھو نالو ان تي رکيو ويو[10].

سياسي نظام
[سنواريو]ھتان جو سياسي نظام صدارتي ۽ جمھوري آھي. حڪومت جي گادي ڊوڊوما شھر ۾ آھي جتي پارليامينٽ واقع آهي پر ملڪ جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ دارالسلام آھي.ملڪ جي انتظامي ورھاست ريجن جي نالي ٿيل آهي . ملڪ ۾ ڪل 31 ريجن آھن جن جا نالا آھن؛ اروشا، دارالسلام، ڊوڊوما، گيئٽا، ارنگا، ڪاغيرا، ڪاسڪازيني پيمبا، ڪاسڪازيني انگوجا (اتر زنجبار)، ڪاٽاوي، ڪيگوما، ڪليمنجارو، ڪوسيني پيمبا ، ڪوسيني انگوجا (ڏکڻ يا وچ زنجبار)، لنڊي، مانيارا، مارا، مبييا، مجني مغربي (مغربي زنجبار)، موروگورو، مٽوارا، موانزا، نجومبي، پواني (ساحل)، رڪوا، رووما، شنيانگا، سمي يو، سنگيدا، سانگوي، ٽيبورا ۽ ٽانگا.
.svg/250px-Tanzania,_administrative_divisions_-_de_-_colored_(+details).svg.png)
ھتان جو قانوني نظام انگريزي ڪامن لا وارو آھي. بين الاقوامي قانون ۾ ھي ملڪ بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ آھي.ھتي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي[10].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Tanzania". Ethnologue. SL International.
- ↑ CIA World Factbook آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. 2010. Retrieved 23 May 2017.
- ↑ David Lawrence (2009). Tanzania: The Land, Its People and Contemporary Life. Intercontinental Books. p. 146. ISBN 978-9987-9308-3-8. https://books.google.com/books?id=qVDYbCfaPuQC&pg=PA146.
- ↑ سانچو:Cite constitution
- 1 2 3 4 Tanzania. IMF.org
- ↑ "GINI Index". The World Bank. Retrieved 14 October 2014.
- ↑ "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2018. Retrieved 14 September 2018.
- ↑ "UPDATE 2-Tanzania's GDP expands by 32 pct after rebasing – officials". Reuters. Reuters. 19 December 2014. Archived from the original on 8 February 2018. https://web.archive.org/web/20180208123403/https://af.reuters.com/article/tanzaniaNews/idAFL6N0U312N20141219?sp=true. Retrieved 19 December 2014.
- ↑ "Tanzania | Define Tanzania at Dictionary.com". Dictionary.reference.com. Retrieved 19 February 2014.<br/ {{IPA-sw|tanzaˈni.a|} /tænˈzeɪniə/
- 1 2 3 4 5 6 7 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو